دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلين?? کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذري??ي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻط??فن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلين?? کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذري??ي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻط??فن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.