برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سف??رتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سف??رتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪ??و. ??ن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سف??رتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سف??رتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. ??گران پرڏيهي وزير سف??رتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.