اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته حڪو??ت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگرا?? وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگرا?? وزيراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگرا?? وزيراعظم ??يو ته حڪو??ت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.