اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا اڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان ??وقعي تي نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان ??با??ڪب??د جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان ??مايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪوريا جي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائز?? ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ ج?? ورجاءُ ڪيو.