اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازب??ست??ن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازب??ست??ن جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پا??ست??ن کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسط??ن ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ ج?? خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پا??ست??ن ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چيو ته پا??ست??ن ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآ??د شروع ٿي ويو آهي. پا??ست??ن هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.