ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي سنڪيانگ ايغور خودمختيا?? علائقي جي پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سنڪيانگ پروڊڪشن اينڊ ڪنسٽرڪشن ڪور (ايس پي سي سي) جي پارٽي سيڪريٽري لي يفئي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي لاءِ چيني عوام جي گرمجوشي وارن جذبن کي ساراهيندي نگران وزيرا??ظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڀرپور حمايت تي سي پي سي جي قيادت جا ٿورا مڃيا. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيرا??ظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط عزم کي ساراهيو. نگران وزيرا??ظم سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سي پيڪ جي آغاز جي نقطي طور سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار، رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌي?? گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پاڪستان سان ايڪس پي سي سي جي مضبوط ادارا??ات?? رابطن ۽ سنڪيانگ جي امن ۽ ترقي ۾ ان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي نگران وزيرا??ظم ايڪس پي سي سي کي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، سياحت، زراعت ۽ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پارٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري لي يفئي چيو ته چين پاڪستان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ واپار ۽ رابطن کي وڌي?? گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڪيانگ جي خودمختيا?? علائقائي حڪومت خنجراب سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپار، رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.