اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڇاتي??َ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇاتي??َ جي ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ توهان جو تعاون خاطرخواهه اثر وجهي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڇاتي??َ جي ڪينسر جي ڪري هر سا?? 40 هزار فوتگيون ٿين ٿيون، پاڪستان ۾ ڇاتي??َ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي دير سا?? تشخيص هجڻ آهي، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سا?? ڪيتريون ئي جانيون بچ??ئي سگهجن ٿيون، آڪٽوبر جو مهينو هر سا?? ڇاتي??َ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو، هن مهيني ب??يس?? ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.