باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ ش??وع ٿي و??و. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عه??يدار?? جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستا?? جو نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ش??ڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ترڪيه، اير??ن، افغانست??ن، قزاخست??ن، ڪرغزست??ن، تاجڪست??ن، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.