گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ??و اسرائي?? فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ??الاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سع??دي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪستان هڪ خودمختيار فلسطيني ر??است قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته ??لسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بستين جي توسيع، فلسطينين جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري آهي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاري?? فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري ر??يا آهن. هن واضح ڪيو ته ??اڪستان جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن آهي.