نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نارويجن هم منصب اينيڪن ه??ٽ فيلڊ سان ملا??ات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ملا??ات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن 75 سالا دوستي کي ساراهيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.