اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آدم??ما??ي جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آدم??ما??ي موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري ش??ح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظوري ڏني وئي. چئني ئي وڏن وزيرن، سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آدم??ما??ي جي نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آدم??ما??ي بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان جي ??ما??يات کاتي ان قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري ??ما??يات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل آدم??ما??ي جي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان جي ??ما??يات کاتي طرفان آدم??ما??ي جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??ما??يات کاتي طرفان ٻڌايو ويو ته ستين آدم??ما??ي مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 241.49 ملين آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري ش??ح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي آدم??ما??ي جي شرح باقي صوبن کان وڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پاڪستان جي آبادي جي واڌ جي تناسب سان پاڪستان جي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پاڪستان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان ??ما??يات کاتي طرفان ستين ڊجيٽل آدم??ما??ي جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ آدم??ما??ي لاءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ناليوارن ??ما??يات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ان جو صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي نمائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدم??ما??ي لاءِ نادرا ن?? رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽلائيٽ جون ڊجيٽل تصويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدم??ما??ي جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان شامل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آدم??ما??ي دوران صوبائي انتظاميه، سول سوسائيٽي ۽ تعليمي ماهرن کي به ان جو حصو بڻايو ويو. آدم??ما??ي جي سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني جي سهولت فراهم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدم??ما??ي 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع تائين جاري رهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پاڪستان جي آبادي 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آبادي 40.85 ملين، پنجاب جي آبادي 127.68 ملين، سنڌ جي آبادي 55.69 ملين، بلوچستان جي آبادي 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان لحاظ کان پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي موجوده سالياني ش??ح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل آدم??ما??ي جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ آدم??ما??ي جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادي ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اسان جا سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آبادي جي شرح موجوده رفتار سان جاري رهي ته اسان جي سمورين ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.