راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين لاءِ هميشه تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ڪان??رن?? منعقد ٿي. ڪان??رن?? ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪان??رن?? ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ڪان??رن?? ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪان??رن?? ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار بابت آگاهه ڪيو ويو. زر??عت?? آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي لاءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪان??رن?? ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.