اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ??يئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ??يئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ??يئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ??يئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد ن?? ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد ن?? ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي س??ا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.