اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سي??ريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايران جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي ملڪن جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي طرفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اج??اس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل واپاري ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اج??اس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سي??ريٽري ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنجي ايراني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ايران جي ثابت قدم حمايت کي س??راهيو. پرڏيهي سي??ريٽري پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ملاقات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد امير آبادي فرحاني س??ن جدا ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي سي??ريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي سي او) جي سي??ريٽري جنرل خسرو نوزيري س??ن پڻ ملاقات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي سي??ريٽري ناليواري ايراني ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي ايراني دانشورن ۽ اسڪالرز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.