ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن ج?? قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري استادن ج?? قتل جي واقعن تي پنهنجي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون ج?? پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي بابت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن ج?? روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرد??ءَ جو اظهار ۽ م??رجي ويل استادن ج?? مغ??رت لاءِ دعا ڪئي.