اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) ڪينيا جي پارليامينٽ جي ميمبر فرح مالم محمد احمد چيو آهي ته پارليامينٽ کي قانون سازي کان نٿو روڪي سگهجي، سياست اڄ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، احتجاج سان ڪا به شيءَ حاصل نٿي ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??نگريزن قانون کي ڌا??، ڌا?? ناهي ڪيو، منهنجي حساب سان درست جمهوريت اومان ۽ ڪويت جي آهي، قانون جيڪڏهن ختم به ڪيو وڃي ته قانون رهي ٿو. هن چيو ته ??سان کي غلطي ورجائڻ بدران ان مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن ملڪ ۾ احتجاج سان به شيءَ حاصل نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته ڇا شام، عراق، صوماليه ۾ امن آهي؟ جيڪڏهن اوهان سوچيو ٿا ته يورپ آ??ريڪا اوهان جي مدد ڪندا ته ??ئين بلڪل ناهي. هن چيو ته ??ئين حرف آخر ناهي. اسان کي گهرجي ته ??سان پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊيون. اسان کي پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت ع??ر جي زندگي سان طرز حڪومت سکڻ گهرجي. انسان کي سادي زندگي گذارڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ سياست هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ??مريڪا جا مڊل ڪلاس ماڻهو مختلف جاين کان آيل ماڻهو آهن، اسان جا پنهنجي قبيلا ۽ طبقا به آهن پوءِ به جهيڙا ٿيندا آهن، آئين هڪ زنده جاويد ڪتاب آهي، پارليامينٽ کي قانون سازي کان نٿو روڪي سگهجي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جو ڪم ئي قانون سازي جو آهي، قانون ۾ جهول هوندو ته ??ن ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت هجڻ گهرجي.