اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ملڪ مان پوليو جي خا??مي جو عزم ظاهر ڪندي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان سمورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي ايم جي ايف پا??ان ملڪ ۾ پوليو جي خا??مي ۽ حفاظتي ٽيڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ دو??ان پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مدد کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خا??مي لاءِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان بل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعاون جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پوليو جي سمورين قسمن جي خا??مي جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پوليو جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي قيادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي ايم جي ايف جي مدد سان غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بري طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي ايمرجنسي ريسپانس پلان کي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پوليو جي خا??مي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پوليو جي خا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي فائونڊيشن پا??ان پاڪستان جي لاءِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.