اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي وين تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ار??دن ?? ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خاتمو آڻينداسين. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.