اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرس هپڪنز کي نيوزيلينڊ جو 14هون وزيراعظم ٿيڻ ت?? دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته آئُون ڪرس هپڪنز سان گڏجي ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهيان. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوزيلينڊ جي نئين وزيراعظم جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.