اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پيڪ کي پاڪستان، چين، علائقائي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ اقتصادي، مالياتي، پهچ ۽ رابطا سازي ۾ اهميت رکندڙ منصوبو قرار ڏيندي ??يو آهي ته سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن جي حصيداري ۽ ان مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪ چين اقصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو آهي، سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز جو ??ڪمل فعال ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. صدر ??يو ته چيني آءِ ٽي سيڪٽر خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪستان چيني ڪارڪنن ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. صدر چين ۽ گوادر جي وچ ۾ رستي جي رابطن کي پورو سال سمورين موسمي حالتن ۾ مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان چيني قيادت پاران لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ هيٺئين سطح تي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن مان سکي رهيو آهي، چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن سان اقتصادي، مالياتي، مواصلات، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ دوستي ۽ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيو. صدر ??يو ته موجوده بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ چين خطي ۾ تمام گهڻي اهميت ا??تي??ر ڪري ورت?? آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ چين جو ??يجهو ساٿ?? آهي، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ مقامي ڪرنسي جي استعمال جا آپشنز ڳولا ڪرڻ گهرجن. چين جي سفير نونگ رونگ صدر کي چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشون پيش ڪيون. هن ??يو ته چين جي حڪومت سي پيڪ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. صدر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي لکين متاثرين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ چين پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد ۽ همدردي جا پڻ ٿورا مڃيا.