اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊف??نس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي ش??ڪت ڪندڙن ۾ سر??يفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ٻڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد قومي سلامتي ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن بابت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيث??ت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي ش??ڪت ڪندڙن کي جامع قومي سلامتي بابت ورڪشاپ جي پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپس منقعد ڪرڻ ۾ نيشنل ڊف??نس يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.