اسلام آباد – 20 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان انساني حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرز??ده ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وزارت جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وزيراعظم جو خاص معاون عطاءُ الله تارڙ به موجود هئا.