اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان ??ڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ??يو آهي، بحالي ۽ نئين سر ت??مي?? جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان ??ڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان ??ڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ??اڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان م??سمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان ??ڪ آهي ۽ تازين م??سمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر ت??مي?? جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بهتر ت??مي?? جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر ت??مي?? جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان ??مدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.