اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ د??ستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول س??زگ??ر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پاڪستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وا??ما، وا??سلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ د??ستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ س??زگ??ر ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عم?? ۾ ??فافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ د??چسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وا??و وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، توانائي وا??و وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وا??و مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.