ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ايسٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن م??ار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي ??ي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪشمير اس??حصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير اس??حصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اس??ن پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اس??ن ڇو ملهائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اس??ن کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ ه??ار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اس??ن وڙهنداسين، اڄ اس??ن جو ا??و نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.