اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان سان ??اڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت ت?? زور ڏيندي ان ??ابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي دوستاڻن ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران ??راهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران ??اڪستان ?? سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت ت?? پڻ زور ڏن??. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان سان ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائيندي هن پاڪستان جاپان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان ??اڪستان سان جاپان جي مسلسل تعاون جي عزم کان آگاهه ڪيو. وزير هونڊا تارو وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت ت?? زور ڏن??.