اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ??ه جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري ??گهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ??بصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري ??ڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي ل??ءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري ??ڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري ??گهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻ??ئي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ??دارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته ه?? عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي ل??ءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افز??ئي ڪري ??ه اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي ل??ءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب صدر کي اداري ??ي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل ق??نو??ن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.