اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي مڪمل ٿيڻ سان سستي بجلي جي پيداوار سان گڏوگڏ زرعي پيداوار ۽ سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيندو، اهو منصوبو مستقبل ۾ پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. ??زي??اعظم اها ڳالهه ديامر ڀاشا ڊيم جي تعميراتي سائيٽ تي بريفنگ کانپوءِ خطاب ڪندي چئي. ??زي??اعظم چيو ته 4500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جو هي منصوبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ منصوبو آهي، ??زي??اعظم اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته منصوبو نظام الاوقات موجب 2029ع کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي، منهنجو اصرار آهي ته منصوبو 20209ع بدران 27 – 2026ع ۾ جيڪڏهن مڪمل ٿي وڃي ته اهو هڪ معجزو هوندو، هن دنيا ۾ ڪا شيءَ به ناممڪن نه آهي، جيڪڏهن اسان اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪريون ته اهو هدف حاصل ٿي سگهي ٿو. ??زي??اعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته اڳوڻي ??زي??اعظم محمد نواز شريف 2016ع ۾ هن منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا. ??زي??اعظم چيو ته هي هڪ وڏو هدف آهي ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون فراهم ڪندي. ??زي??اعظم مستقبل ۾ منصوبي جي فنڊ ريزنگ لاءِ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي تجويز ڏني، ??زي??اعظم 13 ڪلوميٽر ڊگهي بابوسر ٽاپ ٽنل جي تعمير جي منصوبي جو اعلان پڻ ڪيو ته جيئن سڄو سال مانسهره ۽ چلاس جي وچ ۾ ٽريفڪ جي رواني جو تلسسل برقرار رکي سگهجي، ??زي??اعظم ان ڏس ۾ عملدارن کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم چيو ته گذر??ل 4 سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها بدقسمتي هئي، هن ڊيم جي جلد تعمير هڪ سٺي علامت ۽ ملڪي تاريخ ۾ سنگ ميل هوندو، اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته ساليانو 125 کا?? وٺي 130 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي مان رڳو 25 کا?? وٺي 30 ملين ايڪڙ فت پاڻي بچايون يا استعمال ۾ آڻيون ٿا، جيڪڏهن ان پاڻي کي بچايو ويو ته اها اسان جي وڏي ڪاميابي هوندي. ديامر ڀاشا ڊيم سان نه رڳو ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر ان سان تربيلا ڊيم کي مٽيءَ جمع ٿيڻ کان بچايو ويندو جنهن سان تربيلا ڊيم جي عمر ۾ 35 سالن جو اضافو ٿيندو. ??زي??اعظم چيو ته هن ڊيم سان ٻوڏ کان بچاءُ ممڪن ٿيندو، زرعي پيداوار وڌندي. ان کانسواءِ روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا جنهن سان علائقي ۾ اقتصادي خوشحالي ايندي. ??زي??اعظم چيو ته هو گذر??ل 4 سالن جو ذڪر نه ٿو ڪرڻ چاهي پر ان عرصي ۾ بجلي جي شعبي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهو قوم سان ظلم ۽ ناانصافي آهي، 6 کا?? وٺي 7 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي جي صلاحيت جي باوجود تيل ۽ گئس سان هلندڙ پاور پلانٽس بند ڪيا ويا آهن، بطور خادم پاڪستان قوم سان ڪوڙ نه ڳالهائيندس ۽ نه ئي حقيقتون لڪائيندس. جڏهن ته حقيقتون سامهون اچڻ گهرجي. ??زي??اعظم چيو ته هن علائقي ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ آهي، بطور پنجاب جي وڏي ??زي?? مون گلگت جي لاءِ اسڪيننگ مشين جو عطيو ڏنو هو. هن علائقي ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ جديد سهولتن ۽ اوزارن سان ليس اسپتال جي تعمير جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي بابت ??زي??اعظم کي بريفنگ ڏني. شاهد خاقان عباسي، خواجه محمد آصف ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واپڊا چيئرمين ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته هن وقت 2.6 ٽريلين رپين جي لاڳت سان ديامر ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته منصوبي ۾ 8.1 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ان سان 1.23 ملين ايڪڙ زمين کي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿيندي. ان منصوبي سان ساليانو 18100 گيگاواٽ آورز بجلي پيدا ٿيندي. هي منصوبو 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو جڏهن ته ان سان روزگار جا 16500 موقعا پيدا ٿيندا. بعد ۾ ??زي??اعظم قراقرم هاءِ وي، 3 ميگاواٽ ٿڪ پاور پراجيڪٽ ۽ چلاس ڪيڊٽ ڪاليج ??نصوبن جو فضائي جائزو پڻ ورتو.