اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ عمومي نه آهي، حڪومت وٽ موجود ثبوتن مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش جو حصو آهي، پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي ??يصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، وفاقي ڪاب??نا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ??يمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪاب??نا وزيراعظم عمران خان جي ??يادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي ڪاب??نا ۽ قوم عمران خان جي ??ويان بيٺل آهي. هن چيو ته ڪالهوڪي فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. رولنگ صحيح يا غلط هجڻ لاءِ اهو مواد ڏسڻ ضروري آهي، جنهن جي بنياد تي اسپيڪر فيصلو ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته عدم اعتماد واري رٿ عمومي ناهي، وفاقي حڪومت جي سامهون جيڪو مواد آهي ان مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش تحت آندي وئي آهي، جنهن جي ??ويان ڪجهه وڏا مافياز آهن، هن چيو ته ڪاب??نا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ??يمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. اهي ثبوت ڏسڻ کانپوءِ به ڪو به بي اعتمادي رٿ طرف وڃڻ چاهي ٿو ته پوءِ فيصلو پاڪستان جي عوام ئي ڪندي. هن چيو ته وفاقي ڪاب??نا ان عالمي سازش جي جاچ لاءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي اهو ڪ??يشن ان سڄي معاملي جي ??ويان ڪردارن ۽ معاملن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آڻيندي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو آهي ته خط موجود ئي نه آهي، انهي لاءِ ڪميشن جي ??ي آر اوز ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن موجب اهو ڏسڻو آهي ته اهو خط موجود آهي يا نه، ڪميشن جاچ ڪندي ته ان خط ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي يا نه، ڪميشن اها به جاچ ڪندي ته عدم اعتماد واري رٿ جا مقامي هينڊلرز ڪير هئا، پوري مخالف ڌر ان سازش ۾ شريڪ نه آهي، ڪجهه مخصوص ماڻهن کي معلوم هيو ته اها سازش ڪٿان کان شروع ٿي