اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آه?? ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ قائم غير قانوني ها??وسنگ سوسائيٽين جي خلاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن علائقن ۾ ها??وسنگ سوسائٽين سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آه??. وزيراعظم ع??ران خان سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خ??ص مددگار ??اڪ??ر شهباز گل، نئون پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ها??وسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ??اڪ??ر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم ع??ران خان چيو آه?? ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آه??، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آه??، وزيراعظم سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آه?? ان کي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آه??، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آه?? ته هو سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني ها??وسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان عوام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آه??. ان کان اڳ اجلاس کي سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي تعمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آه??.