??نڊ?? بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا م??في اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان ??نڊ?? بهاءُ الدين جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو جتي وزيراعظم سان علائقي جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ معززين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان نيشنل هيلٿ ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪاروباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزيراعظم انهن کي ماڻهن کي اهو حساس ڏيارڻ جي به هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي ??نڊ??ن ۾ شين جي بلند قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي م??في اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي م??في اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد ۽ شفقت محم??د، قومي اسيمبلي ميمبرن حاجي امتياز احمد چوڌري، شوڪت علي ڀٽي، سيد فيض الحسن شاهه، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن محمد اعجاز چوڌري، نذر محمد گوندل، امتياز صفد?? وڙائچ، صوبائي اسيمبلي ميمبرن محمد طارق تارڙ، گلريز افصل چن، مامون جعفر تارڙ، م??ان احسن جهانگير، م??ان اختر حيات، چوڌري لياقت علي، چوڌري ارشد، سليم سرور جوڙا، چوڌري محمد اخلاق، محمد فيصل خان نيازي، اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن طارق محمود ساهي، چوڌري محمد الياس، م??ان ارقم خان ۽ مقامي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.