اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد ڪيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پر??يهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پر??يهي وزير مير بهروز ريڪي بلوچ کي بطور سفير نامزدگي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي استحڪام جي حوالي سان خصوصي ه??اي??ون ڏنيون. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان سوڊان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. پر??يهي وزير سياسيت، واپار، ثقافت ۽ دفاع سم??ت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ سوڊان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سوڊان جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير مير بهروز ريڪي بلوچ پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.