اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪراچي ڌماڪي ۾ عالمگير خان جي والد سميت قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته عالمگير خان جي والد سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي، انتهائي عاجز ۽ شفيق انسان هو. مملڪتي وزير چيو ته منهنجي دع?? آهي ته الله تعاليٰ سمورن فوت ٿيندڙن ج?? درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتي?? کي صبر جميل عطا فرمائي.