اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي ملازمن جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اداري جي بهتري جو دارومدار ملازمن جي بهتر ڪارڪردگي تي آهي، ادارو خوشحال ٿيند?? ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چي?? ته پي ٽي وي جي ملازمن جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چي?? ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي وڌڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ملازمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي جڏ??ن ته سمورن ملازمن کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن چي?? ته پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پي ٽي وي نيوز کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جڏ??ن ته پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي ??پ گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چي?? ته هو پي ٽي وي جي ملازمن سان گڏ بيٺل آهي، ملازمن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چي?? ته پي ٽي وي قومي اثاثو آهي، وقت سان گڏوگڏ پي ٽي وي کي وڌيڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. ملاقات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي اي جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جنرل سيڪريٽري چوڌري فاروق احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي اورنگزيب، سينيئر وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سليم شاهه، ايسوسيئيٽ جنرل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي وي نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.