اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان ??ي خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري ب??لٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب ب??لٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان ??ڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئين سر تعم??ر ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ??ائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ??ري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چي?? ۽ ??اڪستان ??ي يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان ??رتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.