اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ??فغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان ??هرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان ??هرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان ??هرين لاءِ خو??اڪ?? دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان ??ي اثر هيٺ حڪومت افغانستان ??ي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ??ُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان ??ُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان ??فغان ??هرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان ??ير ملڪي ۽ افغان ??هرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ??رفان 30 ??ک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان ??هرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي ج?? سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان ??ڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.