اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ا??غا??ستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ڳالهيون هن پاڪستان جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات دوران ا??غا??ستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته ا??غا??ستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ض??ور?? آهي ته اها ا??غا?? عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد ??ي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ا??غا??ستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزيراعظم عمران خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ا??غا??ستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس ا??غا??ستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.