اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آهيون، م??ڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي ??مل سان چئنلز جي ??يٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي ??در ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، م??ڪي نيوز چئنلز تي صرف م??ڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي ??رابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.