اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي ??ي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزي??اع??م کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ??لڪ?? سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزي??اع??م کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزي??اع??م عمران خان سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ??لڪ?? معيشت تي به مثبت اثر پوندا.