اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي ا??لين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪام??اب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي ا??انا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳا??يل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳا??يل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪام??اب جوان پروگرام تحت ڪام??اب ڪاروبار، ڪام??اب آبادگار، ڪام??اب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪام??اب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪام??اب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.