فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نيشنل اسپتال جناح ڪالوني فيصل آباد ۾ 12 بيڊز تي ٻڌل نئين ڪورونا وارڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ڌيان انساني ترقي تي آهي جنهن جي ??اء?? ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته هاڻي 30 سالن تائين جي نوجوانن جي ويڪسي نيشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ اين آءِ سي ادارو چائنا سان گڏجي ويڪسين تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن اوچتو اها وبا سامهون آئي ته حڪومت کي ڪوويڊ 19 ۾ وڏا چ??لي??جز درپيش هئا جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي ٽيسٽن جي ??اء?? پي سي آر ليبز جي پڻ کوٽ هئي پر حڪومت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ هاڻي 50 هزار ٽيسٽ روزانو ڪيا پيا وڃن اهڙي طرح وسيع پئماني تي تياري جي ڪري فيس ماسڪ پڻ انتهائي گهٽ قيمت تي دستياب آهن جڏهن ته ڪورون?? ڪٽس جي پيداوار پڻ شروع ??رڻ سميت اسان ماسڪ ۽ ڪورون?? ڪٽس ايڪسپورٽ پڻ ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان وينٽي ليٽرز جا ماڊل پاس ٿيا ۽ اهي پاڪستان ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.