اسلام ??باد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام ??رف وڌي رهيو آهي، ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اهم حصو آهي، ا??ورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، ا??ورسيز پاڪستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ق??م کڻي، وفاقي ڪابينا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اجلاس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.