اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ نئين سگهه نظر ايندي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيت دوست پاليسي تي مخا??ف ڌر جي تنقيد سمجهه کان مٿي آهي، مخا??ف ڌر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊ سڌارن، قانونسازي سميت هر سٺي ڪم جي مخالف آهي، تڪ اين اي 249 ري ڪائونٽنگ جو نه ري پول جو ايشو آهي، پي ٽي آءِ جي ري پول موقف تي اڄ (ن) ليگ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن مخا??ف ڌر سنجيده ڪردار ادا ڪري ته هڪ اهڙو چونڊ نظام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين جنهن کانپوءِ ايندڙ چونڊ نتيجا هر ڪنهن کي قابل قبول هوندا، مخا??ف ڌر ڪيس عدالتن ۾ اڪلائي جيڪڏهن نظام صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسان جا دروازا سدائين کليل آهن. هو واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.