گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جا بي پناهه ??وق??ا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گلگت بلتستان جي دوري دوران گلگت بلتستان جي وڏي و??ير پاران سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي ??وق??ي تي ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم ايس سي او جي انتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ سي پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگت بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي ل??ءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رک??و. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي ل??ءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري تعليمي و??يفن سان گڏوگڏ ثانوي تعليمي و??يفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي و??ري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ثانوي تعليمي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جول??ءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو آغاز ملڪ جي سمورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان ??وق??ي تي سڄي گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان ??وق??ي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جا ڀرپور ??وق??ا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.