اس??ام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آه?? ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشم??ر 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آه??، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، ا??لاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهريار آفريدي چيو ته اهو ئي سبب آه?? جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي س??ام پيش ڪريون ٿا، نظريو پاڪستان ئي قيام پاڪستان جو بنياد بڻيو، جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي.