لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي م??ڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولو اينڊ ڪنٽري ڪلب ۾ ماسٽر پينٽس جناح گولڊ ڪپ 2021ع جي فائنل مئچ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ڊائمنڊ پينٽس جي ٽيم کٽ?? ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي م??ڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وانگر پولو جي فروغ جي لاءِ پڻ قدم کڻڻا پوندا.