چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻن جي خواهش تي اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏئي سگهن ٿا، اس??مبلين ۾ مخالف ڌر ميمبرن جا فارورڊ بلاڪ ٺهي ويندا، مولانا فضل الرحمان ته 12 هون رانديگر آهي، ان جي چوڻ تي ڪير استعيفيٰ ڏيندو، توانائي جي معاملي تي جلد قوم کي خطاب ڪندس، بجلي جي پيداواري لاڳت سان ??رد??ي قرض وڌي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ زيتون جي پوکي کي وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ص??اف??ن سان ڳالهائيندي ڪيو.