اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت معاشري جي ڪمزور خاص طور تي گهٽ پگهادار طبقي جي لاءِ ڇت جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳوڻين حڪومتن جي ابتڙ موجوده حڪومت پنهنجي منشور تحت گهٽ آمدني واري طب??ي کي 50 لک گهرن جي فراهمي جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ ٺوس عزم جو اظهار ڪندي فيڊر?? گورنمينٽ اي??پل??ئيز هائوسنگ اٿارٽي کي ذميواري ڏني ج??هن حڪومتي هدفن موجب مختلف اسڪيمون شروع ڪيون. اٿارٽي نجي زمين تي گڏيل منصوبن ۽ سرڪاري زمين تي حڪومتي پروگرامن تحت ا??هن اسڪيمن تي عمل ڪري رهي آهي. مختلف چئلينجن جيباوجود پي ٽي آءِ ج?? حڪومت پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي فلاحي ملڪ بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت مستحق ماڻهن جي لاءِ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير جي ڪوشش ڪري رهي آهي.