اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل ٻن سالن دوران پاڪ چين اقتصادي لنگهه م??صو??ي کي اولين ترجيحن ۾ رکيو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه اربين ڊالر جو هڪ ميگا م??صو??و آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچي وين??ا. ??اڪ چين اقتصادي لنگهه مان ملڪ جا سمورا صوبا برابر فائدو کڻندا جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اڳوڻي فاٽا کي خاص طور فائدو ٿيندو. ان اهم م??صو??ي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت جي تقدير بدل??ي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اهم م??صو??ن ۾ گوادر پورٽ جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ايڪسپريس وي جي تعمير، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪراچي سکر موٽروي جي تعمير شامل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان عالمي واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي اڀرندو. پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فيز ٽو ۾ سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت سستي بجلي ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي، وڏا ڊيمز نه رڳو زراعت جي لاءِ ??ائديمند ٿيندا پر هائيڊل پاور جنريشن جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين??ا. ??ئي طرف چين جون و??يو?? ڪمپنيون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن.