اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 آگست 2019ع ڪشميري?? جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قوم?? جي قرارداد?? جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج جي موجودگي جي باوجود ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش قمر چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪشميرين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قوم?? جي قرارداد?? جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورت?? جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قوم?? جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 ا?? جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهر?? جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورت?? جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئ?? جي آبادي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي باوجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح نا??ام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حق?? جي بدترين پائمالي?? جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشميري?? جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.